اسلامي شريعت

اسلامي شريعت (ڀاڱو پهريون) (ڪتاب): هيءُ ڪتاب محمد بخش واصف جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 160 صفحا آهن ۽ قيمت 12 آنا لکيل آهي. مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد طرفان پهريون ڇاپو، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپجي 1935ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1940ع ۾ ساڳيءَ پريس مان ڇپيل آهي. ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پڻ محمد بخش واصف جو لکيل آهي. هي ڪرائون سائيز ڪتاب آهي، جنهن ۾ صفحا 250 آهن ۽ قيمت سوا رپيو لکيل آهي. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد طرفان ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپجي 1942ع ۾ شايع ٿيو.


لفظ اسلامي شريعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو